بناءُ الاسلام (ڪتاب)

بناءُ الاسلام ( ڪتاب ):هن نالي سان ٻيو ڪتاب حاجي احمد خان ابڙي ، سهوليت خاطر موجوده صورتخطيءَ ۾ نقل ڪري ڇپايو ته جيئن پڙهندڙ سولائيءَ سان پڙهي سگهن . هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ، رباني پرنٽنگ پريس ، حيدرآباد مان سال 1963ع ۾ ڇپيو . ان کان پوءِ ٻيو ڇاپو محمد يوسف ” شاڪر “ ابڙي ، ڪرائون سائيز ۾ ڇپايو ، جنهن ۾ 264 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي . هن ڪتاب جو تازو ڇاپو ، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ شايع ٿيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو